جھرم
Jahrom جهرم | |||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|
سٽي | |||||||
مٿان کان ھيٺ: سنگ تراشان غار، جھرم بازار، خان مسجد، باھ جو مندر (قدمگاھ) ۽ جھرم شھر | |||||||
عرفيت: ئي ڇٽي، دارالمونين، کٽي سون جو شھر، ناريلن ۽ نارنگين جي سرزمين | |||||||
جاگرافي بيهڪ: 28°30′00″N 53°33′38″E / 28.50000°N 53.56056°E | |||||||
ملڪ | ايران | ||||||
صوبو | فارس | ||||||
شھرستان | جھرم | ||||||
ضلعو | مرڪزي | ||||||
پکيڙ | |||||||
• سٽي | 30 ڪ.م2 (10 ميل2) | ||||||
پکيڙ ۾ درجو | 2nd | ||||||
بلندي | 1,050 ميل (3,440 ft) | ||||||
آبادي (2016 Census) |
جُھرَ۾ (انگريزي: Jahrom) ايران جي صوبي فارس جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون وڏو شھر آھي. 2016ع جي انگن اکرن موجب ھن شھر جي آبادي 141،634 آھي[3]. جھرم ھڪ تاريخي شھر آھي. ھي شھر ھخامنشي سلطنت جي پنجين بادشاھ اخشايارشا اول (Artaxerxes I) قائم ڪيو ھو. ھي بادشاھ 465 ق.۾ کان 424 ق.۾ تائين تخت نشين رھيو. فردوسيءَ پنھنجي ڪتاب ۾ ڪئين ڀيرا ھن شھر جو ذڪر ڪيو آھي. ھن شھر ۾ ڪيترائي پراڻا يادگار ۽ ڏسڻ جھڙيون جايون موجود آھن جن ۾ سنگ تراشان غار، جامع مسجد، جھرم مسجد ۽ زرتشت مذھب جي پوئلڳن جو مندر شامل آھن.
جھرم جو شھر فارس جي گاديءَ جي ھنڌ شيراز کان اٽڪل 170 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ آباد آھي. شھر جي موسم گرم ۽ نيم ريگستاني آھي ۽ سال ۾ سراسري طور تي 285 ملي ميٽر مينھن وسي ٿو. شھر جو سراسري گرميءَ جو درجو 200C (680F) آھي. ھن شھر جي سامونڊي مٿاڇري کان سراسري اوچائي 1050 ميٽر آھي. شھر جا اڪثر رھواسي شيعا آھن ۽ پارسي قوم سان واسطو رکن ٿا. ھتي ڪيترائي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا ادارا، ميڊيڪل سينٽر، ٻہ اسپيشل زون، ھڪ خشڪ بندر (Dry Port)، ھڪ پيٽروڪيميڪل پلانٽ، ھوائي اڏو ۽ ٻيا اھم ادارا قائم آھن. ھتان جي اھم زرعي پيداوار ۾ کجور ۽ کٽا ميوا شامل آھن. دنيا جي 1.2 سيڪڙو کجور جي پيداوار ۽ 6 سيڪڙو کٽن ميون جي پيداوار ھن شھر مان ملي ٿي[4]،[5].
نالو
جھرم لفظ جي معنيٰ ڇا آھي ان بابت ٽي رايا آھن. مشھور فارسي ڪتاب کارنامهٔ اردشیر بابکان ۾ ھن شھر جو نالو ”زرھم“ لکيو ويو آھي. شايد زرھم لفظ جي معنيٰ آھي ”سائو علائقو“. مشھور تاريخ نويس سيد احمد حڪم آبادي تبريزيءَ جي خيال ۾ ھن لفظ جي معنيٰ آھي ”گرم جاءِ“[6]. ڪجهه ٻين ماھرن جي راِءِ ۾ ھن لفظ جي معنيٰ آھي ”ھڪ اوچو قلعو جنھن کي ڪير بہ فتح نہ ڪري سگھي“. انھن ٽنھي مان ڪھڙي معنيٰ حقيقت تي مبني آھي ان تي وڌيڪ کوجنا جي ضرورت آھي.
ھن شھر ۽ آسپاس واري علائقي ۾ ناريل جا وڻ جام ٿين ٿا. انھن وڻن جون ٽاريون ھڪ ڇٽيءَ وانگر جھڪيل ھونديون آھن ان ڪري ماڻھو ھن شھر کي ڪوڏاڻي طور ”سائي ڇٽي“ بہ سڏين ٿا. شھر ۾ مومن مسلمانن جي اڪثريت آھي انڪري ھي شھر ”دارالمونين“ طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو. ھتي ليمن جا باغ جام آھن ان ڪري شھر کي ”کٽي سون جو شھر“ بہ ڪوٺيو وڃي ٿو. ھن شھر جي اسپاس وارن علائقن کي ”نارنگين ۽ ناريلن جي سرزمين“ بہ سڏيو وڃي ٿو[7].
تاريخ
ھي شھر اڄ کان 2500 سال پھرين اھخامشي بادشاھت واري دور ۾ وجود ۾ آيو. ھن شھر جو بنياد اھخامشي سلطنت جي پنجين بادشاھ اخشايارشا اول (Artaxerxes I) رکيو. ساساني دور جو ھڪ مشھور يادگار ” قدم گاھ“ اڄ بہ شھرجي ڏاکڻئين حصي ۾ موجود آھي جيڪو ساسانين جي آخري دور ۾ تعمير ڪيو ويو ھو. اھو اصل ۾ زرتشت مذھب وارن جي عبادت گاھ جو يادگار آھي. جھرم ساساني دور جي مشھور موسيقار باربد جي ڄمڻ جو ھنڌ آھي. ھو ساساني بادشاھ پرويز خسرو (خسرو ثاني) جي درٻار جو مشھور موسيقار ھو.
مسلمانن ھي شھر 641 يا 644ع ڌاري ھڪ خونخوار جنگ کان پوءِ فتح ڪيو. شھر جي ٻاھران ”شھيدن جي ماٿري“ اڄ بہ موجود آھي جتي اھا جنگ لڙي وئي ھئي. آل بويہ گھراڻي جي بادشاھت ۾ ھتان ٽيڪس جي اڳاڙي ڪري قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي ويندي ھئي. صفوي ۽ اوائلي زند بادشاھت واري زماني ۾ شھر ۽ ان جي آسپاس تمام گھڻا وڻ خاص طور تي ناريل جا وڻ پوکيا ويا.
قجار گھراڻي جي بادشاھت واري زماني ۾ ھتي ڪيتريون ئي عمارتون، مسافرخانا ۽ بازارون تعمير ڪرايون ويون. 1887ع ۾ ھي شھر شيراز ۽ بوشھر کان پوءِ فارس جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏو ۽ خوشحال شھر ھو. ان زماني ۾ ھي شھر قم ۽ ڪاشان شھر کان بہ وڏو ھو[8]. 1890ع ۾ فارس جي فرمانروا نصيرالدين شاھ انگريزن کي ھن شھر ۾ تماڪ جي پوکيءَ ۽ ان جي وڪري جي اجازت ڏني. ھتان جي باشعور عوام انھيءَ قدم جي سخت مخالفت ڪئي ۽ زوردار مظاھرا ڪيا. انھيءَ قدم خلاف ھتان جي علامہ آيت اللّٰہ مرزا حسن شيرازيءَ فتويٰ جاري ڪئي. نيٺ حڪومت کي مجبور ٿي اھو حڪم واپس وٺڻو پيو. ھن شھر جي عوام 1979ع واري اسلامي انقلاب ۾ بہ ڀرپور حصو ورتو ۽ ھي ايران جي انھن يارھن شھرن مان ھڪ ھو جتي رضا شاھ پھلويءَ انقلاب کان پھرين مارشل لا لاڳو ڪئي. ھڪ سپاھيءَ ھن شھر جي گورنر کي 6 آڪٽوبر 1978ع تي قتل ڪري ڇڏيو. اھو رضا شاھ پھلويءَ جو جنم ڏينھن ھو. ھن شھر جي 1200 ماڻھن ايران عراق جنگ دوران شھادت جو جام نوش ڪيو[9].
جاگرافي
ھي شھر فارس صوبي جي ڏکڻ ۾ آباد آھي ۽ جھرم شھرستان (County) جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. ھي شھر سامونڊي مٿاڇري کان 1050 ميٽر اوچائيءَ تي قائم آھي. شھر جي اولھ ۾ 40 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي سلمان فارسي ڊيم ٺاھيو ويو آھي.
جھرم جي موسم گرم ۽ نيم ريگستاني آھي. ھتي سال ۾ سراسري طور 250 ملي ميٽر مينھن وسي ٿو. شھر جو سراسري گرميءَ جو درجو 200C (680F) آھي. اونھاري ۾ ھتي وڌ ۾ وڌ گرميءَ جو درجو 450C (1130F) ٿي سگھي ٿو جڏھن تہ سياري ۾ گھٽ ۾ گھٽ گرميءَ جو درجو 50C (230F)- تائين ڪري سگھي ٿو.
موسمي رڪارڊ : Jahrom | |||||||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
مھينو | جنور: | فبرو: | مارچ | اپريل | مئي | جون | جولاء | آگسٽ | سيپ: | آڪٽو: | نومبر | ڊسمبر | سال |
وڌ ۾ وڌ رڪارڊ°C (°F) | 27.8 (82) |
26.4 (79.5) |
33.0 (91.4) |
35.0 (95) |
41.4 (106.5) |
45.0 (113) |
45.4 (113.7) |
45.2 (113.4) |
43.6 (110.5) |
38.6 (101.5) |
34.2 (93.6) |
27.4 (81.3) |
45.4 (113.7) |
اوچي پد جي سراسري°C (°F) |
16.5 (61.7) |
17.2 (63) |
21.2 (70.2) |
25.8 (78.4) |
33.0 (91.4) |
38.4 (101.1) |
40.5 (104.9) |
39.7 (103.5) |
37.5 (99.5) |
33.1 (91.6) |
26.3 (79.3) |
19.5 (67.1) |
29.1 (84.4) |
روزاني سراسري°C (°F) | 9.5 (49.1) |
10.2 (50.4) |
13.7 (56.7) |
17.9 (64.2) |
24.1 (75.4) |
28.6 (83.5) |
31.6 (88.9) |
31.1 (88) |
28.3 (82.9) |
23.4 (74.1) |
17.4 (63.3) |
11.9 (53.4) |
20.7 (69.3) |
گھٽ پد جي سراسري°C (°F) |
2.4 (36.3) |
3.2 (37.8) |
6.3 (43.3) |
10.1 (50.2) |
15.2 (59.4) |
18.8 (65.8) |
22.8 (73) |
22.6 (72.7) |
19.1 (66.4) |
13.7 (56.7) |
8.4 (47.1) |
4.4 (39.9) |
2.4 (36.3) |
گھٽ ۾ گھٽ رڪارڊ°C (°F) |
−5.2 (22.6) |
−5.0 (23) |
−2.0 (28.4) |
−2.2 (28) |
5.5 (41.9) |
10.0 (50) |
14.0 (57.2) |
15.0 (59) |
10.0 (50) |
6.0 (42.8) |
−2.0 (28.4) |
−3.8 (25.2) |
−5.2 (22.6) |
سراسري پرسپييئيشن mm (انچ) | 67.2 (2.646) |
64.7 (2.547) |
41.4 (1.63) |
28.8 (1.134) |
5.1 (0.201) |
0.3 (0.012) |
0.6 (0.024) |
3.5 (0.138) |
0.9 (0.035) |
0.9 (0.035) |
11.0 (0.433) |
60.3 (2.374) |
284.7 (11.209) |
سراسري مينھن
(≥ 1.0 mm)
|
5 | 5 | 4 | 4 | 1 | 0 | 0 | 1 | 0 | 0 | 2 | 4 | 27 |
نسبتي گھم جي سراسري
(%) |
64 | 62 | 57 | 51 | 40 | 31 | 30 | 32 | 34 | 37 | 48 | 60 | 46 |
اس جي ماھوار وقت جي سراسري |
212.6 | 223.9 | 239.1 | 263.5 | 310.8 | 349.1 | 334.7 | 323.5 | 325.2 | 297.5 | 253.0 | 214.2 | 3,347 |
Source: Fars province Meteorological Organization[10] |
2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 141،634 آھي. شھر جي آباديءَ جي گھاٽائي 4754 في چورس ڪلوميٽر ۽ آباديءَ ۾ واڌ جو تناسب 11.38 سيڪڙو آھي. شھر جا اڪثر رھواسي پارسي قوم سان واسطو رکن ٿا جيڪي فارسي ٻولي ڳالھائين ٿا جڏھن تہ بصري ۽ عرب قومن جا ڪجهه بدوي قبيلا بہ ھتي آباد آھن. ھتان جا اڪثر رھواسي شيعا مسلمان آھن جڏھن تہ سني مسلمان بہ ٿوري تعداد ۾ ھتي آباد آھن.
معيشيت
جھرم ايران جو ھڪ وڏو زرعي مرڪز آھي. ھن شھر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ 350،000 ناريل جا وڻ ۽ 3.5 ملين کٽن ميون جا وڻ آھن. دنيا جي 1.2 سيڪڙو کجور جي پياداوار ۽ 6 سيڪڙو کٽن ميون جي پيداوار ھن شھر مان ٿئي ٿي. ليمن جي پيداوار ۾ بہ ھي شھر ايران جو ھڪ اھم مرڪز آھي. شھر ۾ ٻين بہ ڪيترين ئي شين جا ڪارخانا آھن. ھتان جي کجور بہ ڪافي مشھور آھي. ھتان جا ٺھيل غاليچا، ڪپڙي مان ٺھيل جوتا، ڌاتوئن تي چٽسالي ٿيل کاڌي پيتي جا ٿانو، سامان کڻڻ جون ٽوڪريون، ميون جو رس ۽ مٺايون وغيرھ سڄي ملڪ ۾ مشھور آھن.
تعليم
ھن شھر ۾ ھيٺيان مکيہ تعليمي ادارا موجود آھن:
- جھرم يونيورسٽي
- جھرم يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز
- اسلامي آزاد يونيورسٽي، جھرم شاخ
- پيام نور يونيورسٽي آف جھرم
- يونيورسٽي آف اپلائڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي
حوالا
- ↑ "Statistical Center of Iran > Home".
- ↑ "Statistical Center of Iran > Home".
- ↑ "Census of the Islamic Republic of Iran, 1395 (2016)" (Excel). Islamic Republic of Iran.
- ↑ 10. "مركبات جهرم ، دردانه جهاني ، در تنگناست". ایرنا (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-02-08.
- ↑ "«جنگلنخل» فارس در حال نابودی است/ تیشه به ریشه نخلستان جهرم". خبرگزاری مهر | اخبار ایران و جهان | Mehr News Agency (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-02-08.
- ↑ آریاییها و مادها ( سری تاریخ ایران باستان – مجموعه اول و دوم ) / .مولف اردشیر خدادادیان. Afghanistan Centre at Kabul University. 1997. http://dx.doi.org/10.29171/azu_acku_ds272_p873_khay42_1376.
- ↑ "خبرگزاری فارس | جهرم باید دارالمومنین باقی بماند". www.farsnews.ir. حاصل ڪيل 2022-02-08.
- ↑ "Jahrom، Islamic World Encyclopedia
- ↑ "جهرم شهری در شرق امپراطوری اردشیر بابکان". مهروماه (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-02-08.
- ↑ "Jahrom" (PDF). Fars province Meteorological Organization. حاصل ڪيل 2020-04-08.