داعش
داعش (عربي: الدولة الإسلامية في العراق والشام؛ انگريزي: Islamic state in Iraq & Syria) هڪ مجاهدین جي تحريڪ آهي جنهن جو مقصد عراق ء شام ۾ دولت اسلاميه کي قائم ڪرڻ ء اسلامي احڪامن تي عمل ڪرائڻ آهي. ڪعبي جي امام داعش کي اسلام کان خارج قرار ڏنو آهي.[1]
داعش جا تاريخي نالا
[سنواريو]هن گروپ جا مختلف حالتن ء سالن ۾ نالا مختلف رهيا آهن سال 1999ع ۾ هي دهشتگرد ٽولو أبو مصعب الزرقاوي ٺاهيو هو هن ان جو نالو جماعة التوحيد والجهاد رکيو.[2] آڪٽوبر 2004ع ۾ اسامه بن لادن هن گروپ جو نالو تبديل ڪري تنظيم الجهاد في بلاد الرافدين رکيو. سال 2006ع ۾ جڏهن أبو مصعب الزرقاوي کي قتل ڪيو ويو تڏهن مجاهدن جي هڪ شوري ڪميٽي هن جو نالو تبديل ڪري داعش رکيو.
موجوده نالو
[سنواريو]هن تنظيم جو موجوده نالو داعش آهي جيڪو سعودي عرب، عراق ء شام ۾ دهشتگردي ڪري رهيو آهي.[3]
داعش جي ڪل فوج
[سنواريو]داعش جي ڪل فوج هڪ اندازي جي موجب عراق ء شام ۾ صرف 80,000 هزار آهي جنهن ۾ 50,000 عراقي ء 30,000 شامي ماڻهو هن فوج جو حصو آهن.[4]
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://awamiawaz.com/سعودي-جي-سڀ-کان-وڏي-مفتي-داعش-کي-غير-اسل/
- ↑ آرڪائيو ڪاپي (PDF), وقت 2015-02-20 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-02-02
- ↑ ISIS or ISIL? The debate over what to call Iraq’s terror group - The Washington Post
- ↑ http://heavy.com/news/2015/11/how-many-fighters-militants-jihadist-soldiers-are-in-isis-islamic-state-nationalities-where-do-they-come-from-numbers/