Location via proxy:   [ UP ]  
[Report a bug]   [Manage cookies]                
مواد ڏانھن هلو

دراب پٽيل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
دراب فرامروز پٽيل

Justice Dorab Patel, 1974 جج دراب پٽيل، 1974
سپريم ڪورٽ پاڪستان جو جج
عهدو سنڀاليو
7 جنوري 1976 – 24 مارچ 1981
نامزد بطرف ذولفقار علي ڀٽو
مقرر بطرف فضل الاھي چوڌري
پيشرو حمود الرحمان
جانشين محمد حڪيم
سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو جج
عهدو سنڀاليو
16 اپريل 1970 – 7 جنوري 1976
نامزد بطرف ذولفقار علي ڀٽو
چيف جسٽس ويسٽ پاڪستان هاءِ ڪورٽ
عهدو سنڀاليو
6 ڊسمبر 1967 – 16 اپريل 1970
نامزد بطرف ايوب خان
ذاتي تفصيل
پيدائش دراب فرامروز پٽيل
17 جون 1924(1924-06-17)
ممبئي, برطانوي ھندوستان
وفات 15 مارچ 1997 (عمر 72 سال)
اسلام آباد, ICT, پاڪستان
آخري آرامگاهه ڪراچي, سنڌ, پاڪستان
قوميت  پاڪستان
مادر علمي Bombay University (LLB)
London School of Economics
(MSc and LLM)

دوراب فرامروز پٽيل (1924 – 15 مارچ 1997)[1] پارسي نسل سان واسطو رکندڙ پاڪستاني جج ۽ قانوندان هو. هن پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جو جج ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس طور خدمتون انجام ڏنيون. پٽيل انساني حقن جو سرگرم حامي هو ۽ 1987ع ۾ ايشيائي انساني حقن ڪميشن (AHRC) جو باني ميمبر هجڻ سان گڏ پاڪستان انساني حقن ڪميشن جو گڏ باني پڻ هو.

دوراب پٽيل، جيڪو مذھباً پارسي هو، پاڪستان عدليه ۾ بلند عهدن تائين پهتو ۽ پاڪستان جي سينئر ترين ججن مان هڪ بڻيو. البت، هن 1981ع ۾ اصولن تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جڏهن هن ان وقت جي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ آرمي چيف جنرل ضياءُ الحق جي وفاداري جو حلف کڻڻ کان انڪار ڪيو. پٽيل 1997ع ۾ اسلام آباد ۾ لوڪيميا سبب وفات ڪئي ۽ کيس ڪراچي ۾ دفن ڪيو ويو.[2]

شروعاتي زندگي

[سنواريو]

دوراب پٽيل مختلف بورڊنگ اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد 1942ع ۾ بمبئي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي. هن 1944ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان قانون ۽ انصاف ۾ ايل ايل بي مڪمل ڪئي. 1945ع ۾ هو ڪراچي منتقل ٿيو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ قانوني پريڪٽس شروع ڪئي. 1946ع ۾ هو وڌيڪ تعليم لاءِ برطانيا روانو ٿيو ۽ لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس ۾ داخلا ورتي. 1948ع ۾ هن معاشيات ۾ ايم ايس سي ۽ 1949ع ۾ قانون ۽ انصاف جي ترقي ۾ ايل ايل ايم حاصل ڪيو. سندس ماسٽرز ٿيسز پاڪستان جي معيشت ۽ قانوني نظام تي لکيل هئي. 1950ع ۾ پٽيل لنڪنز اِن مان بار ايٽ لا لاءِ ڪال حاصل ڪئي ۽ 1953ع ۾ بار پروفيشنل ٽريننگ ڪورس (BPTC) مڪمل ڪيو. ڊاڪٽريٽ مڪمل ڪرڻ بعد، هو واپس ڪراچي، ويسٽ پاڪستان هليو آيو ۽ ويسٽ پاڪستان هاءِ ڪورٽ ۾ قانوني پريڪٽس شروع ڪئي.

عدالتي ڪيريئر

[سنواريو]

پٽيل 1964ع ۾ هاءِ ڪورٽ بار جو سيڪريٽري منتخب ٿيو ۽ 1967ع ۾ ان وقت جي ويسٽ پاڪستان هاءِ ڪورٽ جي بنچ ۾ شامل ڪيو ويو. پٽيل کي 7 جنوري 1976ع تي سپريم ڪورٽ ۾ ترقي ڏني وئي.[3]

24 مارچ 1981ع تي جنرل ضياءُ الحق هڪ عارضي آئيني حڪم (PCO) جاري ڪيو ۽ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن کي ان تي حلف کڻڻ جي درخواست ڪئي. پٽيل حلف کڻڻ کان انڪار ڪيو[4] ۽ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. جيڪڏهن پٽيل استعيفيٰ نه ڏي ها، ته هو سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻجي سگهي ها. سپريم ڪورٽ مان استعيفيٰ ڏيڻ بعد، پٽيل پنهنجي باقي جي زندگي مظلومن ۽ محروم طبقن جي حقن لاءِ جدوجهد ۾ وقف ڪئي. 1990ع ۾، هو بين الاقوامي ججن جي ڪميشن (ICJ) جو رڪن چونڊڻ وارو ٻيو پاڪستاني بڻيو.

اهم فيصلا

[سنواريو]
  • پٽيل هڪ ورهاست واري فيصلي ۾ اقليت ۾ هو، جيڪو 4–3 جي ووٽ سان لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکيو، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي سزاءِ موت ٻڌائي وئي.

پبليڪيشن

[سنواريو]
  • 1989 ، پاڪستان ۾ فوجي آمريت ۽ ججن جو ڪردار (انگريزي ۽ اردو ۾)، دراب پٽيل طرفان.
  • 1964 ، ليبرلز جا عهد ناما: جناح پيپرز (صرف انگريزي ۾)، دراب پٽيل طرفان

حوالو

[سنواريو]
  1. "PAKISTAN: Dorab Patel?s Second". وقت 30 September 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 April 2007. 
  2. "PAKISTAN: Dorab Patel?s Second". وقت 30 September 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 April 2007.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. Supreme Court Annual Report 2002[مئل ڳنڍڻو] pg 157 Retrieved 24 June 2010
  4. "PAKISTAN: Dorab Patel?s Second". وقت 30 September 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 April 2007.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)

خارجي لنڪس

[سنواريو]

سانچو:Government of Prime minister Zulfikar Ali Bhutto